اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان اولهندي ڪناري جي والاريل فلسطيني علائقي جنين ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران ڪيل ڇاپن ۽ فضائي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 10 فلسطيني شهيد ۽ 50 زخمي ٿيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پ??ران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته قابض طاقت پاران فلسطيني عوام جي خلاف تشدد جون اهي تازيون ڪارروايون فوري طور تي ختم ٿيڻ گهرجن. پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها اسرائيلي قابض فوج جي انهن ظالماڻن ۽ غيرقانوني قدمن کي روڪر??ئڻ ۽ فلسطيني عوام جي انساني حقن جي تحفظ کي يقيني بڻ??ئڻ جي لاءِ پنهنجي ذميواري ادا ڪري. بيان موجب پاڪستان فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق سميت انهن جي حقن ۽ آزادين جي مڪمل حاص?? ڪرڻ جيل اءِ انهن جي جائز جدوجهد جي لاءِ پنهنجي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب 1967ع کان اڳ جي سر??دن ۽ القدس الشريف کي ان جي گادي واري شهر طور هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل فلسطيني رياست جي لاءِ پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪري ٿو.
پاڪستان پاران اولهندي ڪناري جي والاريل فلسطيني علائقي جنين ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران ڪيل ڇاپن ۽ فضائي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم