اسلام آباد– 16 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر عبدالطيف آفريدي جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آه?? ته لالا عبدالطيف آفريدي جي بي رحماڻي قتل تي انتهائي ڏک آهي. هن سڄي عمر آئين جي سربلندي، جمهوريت، قانون جي حڪمرا??ي ۽ انساني حقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي. پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي خراب ٿي??دڙ صورتحال کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي خيبرپختونخواهه جي حڪومت تي زور ڏنو آه?? ته اها دهشتگردن کي قانون موجب عبرتناڪ سزا ڏياري. وزيراعظم شهباز شريف عبدالطيف آفريدي جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آه?? ته هو هڪ اعليٰ قانوندان ۽ ب??اد?? سياسي اڳواڻ هو. مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي حمايت تي ان کي يونيورسٽي مان ڪڍيو ويو هو، هو حق جي ڳالهه ڪندو هو ۽ نتيجن جي پرواهه نه ڪندو هو. وزيراعظم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اڄ آئين، جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني جو هڪ سگهارو آواز خاموش ٿي ويو. وزيراعظم چيو ته لالا عبدالطيف آفريدي جي سياسي، قانو??ي ۽ جمهوري جدوجهد جاري رهندي. هن دعا ڪئ?? ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. ان کان اڳ وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عبدالطيف آفريدي جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي.
لالا عبدالطيف آفريدي جي بي رحماڻي قتل تي انتهائي ڏک آهي، هن سڄي عمر آئين جي سربلندي، جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن