اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ڪالهه س??مر ڏينهن ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي بلڊنگ ريزيلينس ود ايڪٽو ڪائونٽر سائڪليڪل ايڪسپينڊيچر پروگرام تحت 1.5 ارب ڊالر جي قرض جي مع??هد?? تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ترقياتي حصيدارن خاص طور تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيندي ??زي??اعظم بريس پروگرام تحت پاڪستان جي لاءِ 1.5 بلين آمريڪي ڊالر جي بجيٽ سپورٽ جي منظوري تي بئنڪ جي بورڊ جا ٿورا مڃيا. ??زي??اعظم بئنڪ جي صدر ماساتوگو آساتاو ۽ سندس پوري ٽيم جي تازي موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مدد ڪرڻ کي پڻ ساراهيو. ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي بئنڪ، يورپي يونين ۽ گڏيل قومن جي پاڪستان حڪومت سان حصيداري ۾ ڪئي ويندڙ پوسٽ ڊيميج نيڊز اسسمنٽ موجب تازي ٻوڏ سان پاڪستاني معيشت کي 30 ارب ڊالر جو نقصان پهتو آهي. ??زي??اعظم ٻوڏ متاثرين جي مستقل بحالي تي زور ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي 1.5 بلين ڊالر جو قرض پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. بئنڪ جي نائب صدر شاڪسن چي وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي ريمارڪس ۾ هن چيو ته بورڊ گذريل جمعي تي رقم جي منظوري ڏني هئي. ان قدم جو مقصد پاڪستان جي معيشت کي درپيش مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ آهي. هن وچولي ۽ ڊگهي مدي واري اقتصادي امڪانن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ موجوده حڪومت جي معاشي سڌارن کي ساراهيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي ??زي?? محمد اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي ??زي?? سردار اياز صادق، ڊائريڪٽر جنرل اي ڊي بي يوجين زوخوف کانسواءِ اي ڊي بي ۽ پاڪستان حڪومت جا اعليٰ عملدار ان موقعي تي موجود هئا. اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي سيڪريٽري ڪاظم نياز ۽ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جيونگ يي مع??هد?? تي صحيحون ڪيون جڏهن ته ??زي??اعظم محمد شهباز شريف مع??هد?? تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو 1.5 بلين ڊالر جو قرض پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں