اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ٻئي مرحلي تحت سڄ?? ملڪ ۾ ٺاهيا ويندڙ خصوصي اقتصادي زونز سان پاڪستان جي صنعتي ترقي ۾ وڌيڪ ??ضافو ٿيندو ۽ پاڪستان جي ٽرانسپورٽ جي شعبي، انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي ترقي ۾ پڻ مدد ملندي، سي پيڪ پاڪستان کي عالمي مع??ار جي روڊ نيٽ ورڪ ت??ار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي جنهن سان نه رڳو اندروني رابطن ۾ بهتري ايندي پر خطي جي ٻين ملڪن سان ويجها رابطا وڌائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي عنوان سان ٽئين گول ميز ڪانفرنس کي خطا?? ڪندي ڪيو. هن چيو ته سي پيڪ ??حت ت??ار ڪيا ويندڙ پنج خصوصي اقتصادي زونز ۾ جديد ترين انفراسٽرڪچر هوندو ۽ پاڪستان حڪومت جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ صنعت جي قيام جي لاءِ سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪندي. هن مقامي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن تي زور ڏنو ته اه?? ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي آسانين ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين جي ذ??يعي پيش ڪيا ويندڙ موقعن مان فائدو کڻن. ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ۽ پاڪستان آبزرور جي چيف ايڊيٽر فيصل زاهد ملڪ پڻ خطاب ڪيو. ڪانفرنس ۾ غيرملڪي سفارتڪارن، ميڊيا ۽ واپاري برادري جي نمايان شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطا?? ڪندي صدر چيو ته ملڪ جي سيڙپڪار دوست پاليسين جا مثبت نتيجا نڪري رهيا آهن، جنهن ناليواري موبائيل فون برانڊز کي پاڪستان ۾ فونز جي تياري ۽ اسمبلنگ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏني آهن. هن واپاري برادري تي پڻ زور ڏنو ته اها حڪومت پاران جوڙيل پاليسين مان ڀرپور فائدو کڻي ۽ ٽيڪس ۾ ڇوٽ، ٽيڪس ريفنڊز، انفراسٽرڪچر ۽ سيڙپڪارن کي ڏني ويندڙ سهولتن جهڙين مراعتن مان فائدو کڻي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ چين اقتصادي لنگهه کي مثالي پاڪ چين ٻطرفن لاڳاپن جو عڪاس قرار ڏيندي چيو ته سي پيڪ ??حت وڏي سيڙپڪاري پاڪستاني معيشت جي مختلف شعبن ۾ دوست ملڪن جي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن کي وڌيڪ ??گهه ڏيندي. هن چيو ته سي پيڪ ??ڳ ۾ ئي انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي شعبن ۾ پاڪستان جي پراڻي دوست چين سان تعاون جي سطح کي اڳتي وڌائي چڪو آهي. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان کي عالمي مع??ار جي روڊ نيٽ ورڪ ت??ار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي جنهن سان نه رڳو اندروني رابطن ۾ بهتري ايندي پر خطي جي ٻين ملڪن سان ويجها رابطا وڌائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. صدر توانائي جي شعبي جو ذڪر ڪندي چيو ته سي پيڪ ??حت ملڪ جي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن جي نظام کي بهتر بڻائڻ، گردشي قرضن جي دائمي مسئلي کي منهن ڏيڻ ۽ صنعتي ۽ واپاري سرگرمين جي لاءِ گهٽ قيمت تي توانائي جي مستقل فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن گوادر ۾ چين پاران شروع ڪيل گهڻ رخي ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان گوادر کي علائقائي واپار ۽ سيڙپڪاري جو مرڪز بڻائڻ جي خواب کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گوادر بندرگاهه افغانستان ۽ وچ ايشيائ?? ملڪن سان واپار جي لاءِ هڪ مثالي سامونڊي رستو هوندو. هن افغانستان ۾ امن جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو جيڪو خطي ۽ پاڙيسر?? ملڪن جي لاءِ واپاري ۽ اقتصادي موقعن جي راهه هموار ڪندو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت نوجوانن جي مهارت خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي جي لاءِ هڪ ٺوس پروگرام متعارف ڪرايو آهي جنهن جو مقصد مقامي صنعت ۽ افرادي قوت جي برآمدي منڊي کي هنرمند افرادي قوت فراهم ڪرڻ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ تعاون وڌيڪ وڌندو. صدر گول ميز ڪانفرنس جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان آبزرور جي انتظاميا کي ساراهيو ۽ اهو قدم پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي مڪمل ڪرڻ ۾ اهم ثابت ٿيندو.
پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ٻئي مرحلي تحت سڄي ملڪ ۾ ٺاهيا ويندڙ خصوصي اقتصادي زونز سان پاڪستان جي صنعتي ترقي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا