راولپنڊي – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٻوڏ سبب متاثر عل??ئقن ۾ پاڪ فوج جون امدادي سرگرميون جاري آهن، ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ ۽ راش?? ورهائڻ لاءِ 200 هيليڪاپٽر اڏامون هلايون ويون آهن. آءِ ايس پي آر مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ ۾ پاٿل 1991 ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي ۽ 162.6 ٽن امدادي سامان ٻوڏ متاثرن تائين پهچايو ويو آهي. هن وقت تائين 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي آفت سٽيل عل??ئقن مان محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان، ڪي پي ڪي جي ٻوڏ متاثر عل??ئقن ۾ 147 ريليف ڪيم??ون 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيون آهن. هن وقت تائين 60 هزار کان وڌيڪ مريضن جو عل??ج ڪيو ويو آهي ۽ مريضن کي 5 ڏينهن تائين جون مفت دوائون فراهم ڪيون ويون آهن. سڄي ملڪ ۾ 221 فلڊ ريليف آئٽمز ڪليڪشن پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن. 1350 ٽن کان وڌيڪ خوراڪ/ دوائون ۽ ٻيون غذائي شيون جمع ڪيون ويون آهن.
پاڪ فوج جون ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جون ڪوششون جاري
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت