اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جو هڪ طرفو قدم غيرآئيني ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف آهي، عالمي برادري ڪشميرين جي حقن لاءِ خاموشي ٽوڙي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ ”استحصال ڏهاڙي“ جي حوالي سان اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارتي حڪومت جو 5 آگسٽ 2019ع جو ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جو هڪطرفو غيرآئيني ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف آهي، ڪشمير ننڍي کنڊ جي ورڇ جي اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، گڏيل قومن ۽ عالمي برادر?? کي گهرجي ته هن مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته ڪشمير جي عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن ۽ ڀارت جهڙي طرح ڪشميرين جي آز??دي ۽ خودمختي??ري کي سلب ڪري ۽ ان جو استحصال ڪيو آهي ان جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آ??ي. هن چيو ته 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوج ڪشمير جي گهٽين ۽ پاڙن ۾ ڪشميرين تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرائ?? رهي آهي، ماڻهن کي اغوا ڪيو پيو وڃي ۽ وڏي انگ ۾ ڪشميري گم ٿ?? رهيا آهن. هن چيو ته عالمي برادري ڪشمير بابت خاموشي ٽوڙي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب انهن کي خودمختي??ري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت سدائين ڪشميري ڀينرن ڀائرن جو ساٿ ڏنو آهي ۽ آخري دم تائين ڏيندا رهنداسين. هن چيو ته ڀارتي حڪومت ڪشميرين جي انساني حقن ۽ انهن جي شخصي آز??دي، احساسن ۽ جذبن جو خيال ڪري ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت تبديل ڪرڻ جي غيرآئيني قدم کي واپس وٺي. هن چيو ته ڪشمير جي آز??دي جي تحريڪ ڪمزور ٿيڻ و??ري نه آهي ۽ ان جي آز??دي جي تڙپ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو.
ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جو هڪ طرفو قدم غيرآئيني ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف آهي: راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores