اس??ام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ??ه اڳوڻي ح??وم?? جي بدترين معاشي پاليسين ۽ دور انديشي نه هُجڻ جي ڪري تمام وڏا معاشي چئلينج درپيش آهن، معيشت کي سنڀالڻ جي ل??ءِ دليراڻن فيصلن کان پاسو نه ڪنداسين، ڏينهن رات محنت سان قوم کي معاشي مشڪلاتن مان ڪڍنداسين، انشاءَ الله سٺو وقت به ايندو. ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته قوم بدقسمتي سان اڳوڻي ح??وم?? جي بدترين معاشي پاليسين، بي انتها ناقص ڪارڪردگي ۽ ڪم عقلي جو نتيجو ڀوڳي رهي ??هي. هي ??سان جي ل??ءِ تمام وڏو معاشي چئلينج آهي ??يڪو اسان کي ورثي ۾ مليو آهي. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي ح??وم?? ويندي ويندي پيٽروليم جون قيمتون جيڪي پوري دنيا ۾ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، گهٽ ڪري ايندڙ ح??وم?? جي ل??ءِ ڄار وڇايو. اهو بدنيتي تي ٻڌل قدم هو. جيڪڏهن اڳوڻن حڪمرانن کي عوام جو ايترو ئي درد هجي ها ته 3 سالن ۾ ڪو سٺو مثال قائم ڪن ها ۽ عوام جي حقيقي ڀلائي جي ل??ءِ ڪجهه ڪن ها. عالمي سطح تي ڳنڀير صورتحال درپيش آهي ۽ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون وڌي رهيون آهن، اسان کي به مجبوري ۾ قيمتون وڌائڻيون پيون پر ان سان گڏ اسان 7 ڪروڙ غريب ماڻهن جي ل??ءِ ريليف جو به اعلان ڪيو ۽ بي آءِ ايس پي جي ذريعي 2000 رپيا ماهوار ملڪ جي ڪروڙين غريب ماڻهن کي ڏنا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته اهو فيصلو بجيٽ ۾ عريب طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ ڪيو ويو. سرندي وارن طبقن تي ٽيڪس هنيو ويو ته جيئن عام ماڻهو کي اهو احساس ٿئي ته انهن جي ح??وم?? انهن جو بار ونڊڻ جي ل??ءِ قدم کڻي رهي ??هي. وزيراعظم چيو ته آئون اميد ڪريان ٿو ته ملڪ جو امير طبقو وڌيڪ ٽيڪس ڏئي ح??وم?? جو ساٿ ڏيندو. اهڙي طرح ح??وم?? وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪري غريبن تي خرچ ڪري سگهندي. هن چيو ته مشڪل حالتن ۾ جيڪا ذميواري اسان کي ملي آهي ??ن کي نڀائينداسين. اسان دليراڻا في??لا ڪيا آهن وڌيڪ به ڪرڻا پوندا ته ڪنداسين ۽ معيشت کي سنڀالڻ جي ل??ءِ ڪو به ضروري قدم کڻڻ کان نه ڪيٻائينداسين. وزيراعظم چيو ته مشڪل فيصلن کانپوءِ سٺو وقت به ايندو. مشڪل في??لا اسان جي مجبوري آهي. اسان محنت سان ڪم ڪنداسين ۽ نتيجا الله جي هٿ ۾ آهن. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي ح??وم?? آءِ ايم ايف سان جيڪو معاهدو ڪيو پاڻ ئي ان جون ڌڄيون اڏايون. معاهدي جي پاسداري نه ڪرڻ جي ڪري اڄ معاشي مشڪلاتون درپيش آهن. اسان ڏينهن رات محنت جي ذريعي قوم کي ان مشڪل وقت مان ڪڍنداسين.
اڳوڻي حڪومت جي بدترين معاشي پاليسين ۽ دور انديشي نه هُجڻ جي ڪري تمام وڏا معاشي چئلينج درپيش آهن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز