اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڊ??ٽي اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، اهو هڪ اهم ڪيس آهي، آرٽيڪل 69 چوي ٿو ته پارليامينٽ جا معاملا پارليامينٽ ۾ رهڻ گهرجن، جيڪڏهن اسپيڪر جي رولنگ غلط هئي ته به آرٽيڪل 69 ان کي تحفظ ڏي ٿو، اسان اهو مڃون ٿا ته ڊ??ٽي اسپيڪر ڪا به آئين شڪني ناهي ڪئي، آئين جو حلف کڻي پارليامينٽ ۾ آيا ته آئين کي ڪڏهن به ٽوڙي نه ٿا سگهن، 73ع جي آئين ۾ آهي ته رياست جي ذميدارن جي پنهنجي ذميداري آهي، پارليامينٽ ۽ عدليه جي آئيني ذميداري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته نيشنل سيڪيو??ٽي ڪميٽي ۾ خط جو معاملو بحث هيٺ آيو، مخالف ڌر جي ڪجهه ماڻهن ان خط کي جعلي چيو، نيشنل سيڪيو??ٽي ڪميٽي جي گڏجاڻي کانپوءِ اهم فيصلا ڪيا ويا، پرڏيهي آفيس کي ڊيمارش (احتجاجي خط) ڪرڻ جو چيو ويو هو، مخالف ڌر کي نيشنل سيڪيو??ٽي ڪميٽي جي لاءِ دعوت ناما موڪليا ويا هئا، مخالف ڌر کي شڪ هو ته اهي قومي سلامتي ڪم??ٽي ۾ اچن ها ۽ جواب گهرجن ها، اهو پروسيجر مڪمل ٿيڻو هو، ڊ??ٽي اسپيڪر انڪار نه ڪيو هو اهي ماڻهو پاڻ نه بيٺا، ان صورتحال جي سامهون رکندي بي اعتمادي رٿ رد ڪئي وئي، نئين شيءَ جي سامهون ا??ڻ سان ڊ??ٽي اسپيڪر رولنگ ڏني جيڪي حقيقتون قومي سلامتي ڪم??ٽي جي سامهون ا??ي چڪيون اهي اهم آهن، نيشنل سيڪيو??ٽي ڪميٽي اسان جي موقف جي تائيد ڪئي، شاهه محمود قريشي چيو ته هڪ اڌ ڏينهن پهرين مريم نواز ۽ پيپلزپا??ٽي جي ڪجهه ميمبرن چيو ته خط من گهڙت آهي، اسان سمجهون ٿا ته اهو من گهڙت نه آهي، اهي ماڻهو قوم سان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، اهي پنهنجي بوکلاٽ ۾ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪ کي آئيني بحران ۾ وجهي رهيا آهن، ڪنهن کي اسان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جو حق نه آهي اها گهڻي سنجيده صورتحال آهي، جيڪڏهن ايترو حساس معاملو آهي ته انڪوائري ڪرائي وڃي ته جيئن کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي وڃي. معاملي جي جاچ لاءِ هڪ جڊيشل ڪم??شن ٺاهيو وڃي، جڊيشل ڪم??ش ان نتيجي تي پهچي سگهي ٿو ته حقيقتون ڇا آهن شاهه محمود قريشي چيو ته هن وقت اهم نقطو ڊ??ٽي اسپيڪر جي رولنگ آهي، معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، اسان جا وڪيل اڄ پنهنجون دليلون مڪمل ڪري وٺندا، نعيم بخاري ۽ اٽارني جنرل پنهنجو موقف پيش ڪندا. آرٽيڪل 69 وڏو واضح آهي، اسان جو تجزيو اهو آهي ته آرٽيڪل 69 چوي ٿو ته پارليامينٽ جا معاملا پارليامينٽ ۾ ئي رهڻ گهرجن، اسان جو اهو به موقف آهي ته اسپيڪر جي رولنگ فائنل هوندي آهي، متحده مخالف ڌر جي تقاضا آهي ته ڊ??ٽي اسپيڪر آئين شڪني ڪئي آهي، مخالف ڌر جو چوڻ آهي ته ڊ??ٽي اسپيڪر آئين کان مٿانهون رولنگ ڏني آهي، پي ٽي آءِ جو موقف آهي ته اسپيڪر وٽ رولنگ جو اختيار آهي، جيڪڏهن اسپيڪر جي رولنگ غلط هئي ته به آرٽيڪل 69 ان کي تحفظ ڏي ٿو، اسان ڄاڻون ٿا ته ڊ??ٽي اسپيڪر ڪا به آئين شڪني ناهي ڪئي، آئين جو حلف کڻي پارليامينٽ ۾ آيا ته آئين کي ڪڏهن به نٿا ٽوڙي سگهن، 73ع جي آئين ۾ واضح آهي ته رياست جي ذميدارن جي پنهنجي پنهنجي ذميداري آهي، پارليامينٽ ۽ عدليه جي پنهنجي ذميداري آهي، هن چيو ته يوڪرين سان اسان جا لاڳاپا بهترين آهن اسان امداد به رواني ڪئي، اسان او آءِ سي جي اجلاس ۾ به چيو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي وزير کي ان معاملي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ ڏنو وڃي. پراسيس کي اڳتي وڌائڻ لاءِ چين به ان جي تائيد ڪئي، او آءِ سي اڳتي وڌندي ته چين به مدد ڪندو. شاهه محمود قريشي چيو ته ساڍا 3 سال متحده مخالف ڌر وارا راڳ ڳائيندا رهيا ته ملڪ کي نون چونڊون جي ضرورت آهي پيپلزپا??ٽي پنج سال پورا ڪيا، مسلم ليگ (ن) پنج سال پورا ڪيا، اسان کي پنج سال پورا نه ڪرڻ ڏنا ويا، هن وقت سڀ عدليه جي فيصلي جا منتظر آهن، هن چيو ته واحد حل نئون مينڊيٽ آهي، عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ملڪ جي واڳ ڪنهن جي هٿ ۾ ڏيڻ گهرجي.
ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa