اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير ۽ او آءِ سي سربراهه اجلاس جي چيئرمين فيصل بن فرحان السعود چيو آهي ته عالمي قراردادن موجب فلسطي?? جي مسئلي جو پرامن حل چاهيون ٿا، اسان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ عالمي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. او آءِ سي سربراهه اجلاس جي چيئرمي?? جي حيثيت سان اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته هو پاڪستان جو ٿورائتو آهي جنهن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت تي شاندار آجيان ڪئي. هن پاڪستا?? جي 75 هين پاڪستا?? جي ڏهاڙي ۽ قوم ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏيندي پاڪستا?? جي خوشحالي ۽ وڌيڪ ڪاميابي?? جي دعا ڪئي. هن چيو ته جنرل اسيمبلي ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قرارداد جي منظوري مسلمان امت جي ڪاميابي آهي. ان ڏس ۾ پاڪستان پاران قرارداد پيش ڪرڻ ۽ او آءِ سي سيڪريٽريٽ ۽ سيڪريٽري جنرل جي ڪردار تي کيس مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ ۾ مددگار ٿيندو، سعودي عرب فلسطين مسئلي تي فلسطيني?? جي حمايت جاري رکندو، اسان عالمي قراردادن موجب فلسطي?? جي مسئلي جو پرامن حل چاهيون ٿا ۽ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ اتا?? جي عوام جو حق آهي. هن چيو ته يمن ۾ حوثي مليشيا کي هٿيار?? جي فراهمي بند ٿيڻ گهرجي. يم?? جي عوام کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪري هيا آهيون. هن چيو ته اسان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ عالمي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستا?? جي لاءِ انساني بنيادن تي ٽرسٽ فنڊ قائم ڪرڻ هڪ خوش آئنده قدم آهي. ان فنڊ ذريعي لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻه?? جي مدد ڪري سگهبي.
عالمي قراردادن موجب فلسطين جي مسئلي جو پرامن حل چاهيون ٿا: سعودي پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش