اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هاڻي جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي، ا??ن کي موقعو ڏيڻو پوندو، پاڪستان چاهي ٿو ته آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ اف??انستان ۾ سمورن لاڳاپيل ڌرين جي نمائنده حڪومت قائم ٿئي، پرامن اف??انستان، پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، اف??انستان جي عوام خاص طور تي نوجوانن کي ترقي ??ا هڪجهڙا موقعا ملڻ گهرجن، اڄ به 30 لک اف??ان پناهگيرن جي پاڪستان ميزباني ڪري رهيو آهي، اڳوڻي فاٽا ۽ ٻين علائقن جي عوام ۽ اف??انين جي وچ ۾ هزارين سال پراڻا لاڳاپا آهن، ا?? تاريخ کي ڪنهن صورت ۾ نظرانداز نٿا ڪري سگهون. هو پي اين سي اي ۾ ”پاڪ اف??ان ميڊيا ڪنڪليو“ کي خطاب ڪري رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اف??انستان پاڪستان جو ڀائر ملڪ آهي، ا??ا مڃيل حقيقت آهي جنهن کي تبديل نٿو ڪري سگهجي. پاڪستان ۽ اف??انستان کي هڪٻئي سان گڏ رهڻو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي ڪوشش آهي ته اف??انستان جي اندر امن قائم ٿئي، آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ هڪ اهڙي حڪومت قائم ٿئي جيڪا اف??انستان جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي نمائنده حڪومت هجي. هن چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اف??انستان ۾ جنگ جي صورتحال هئي، ا?? صورتحال ۾ اف??انستان جا ماڻهو ترقي ۾ پوئتي رهجي ويا، هاڻي اف??ان عوام خاص طور تي نوجوانن کي ترقي ??ا برابر موقعا فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان اهو ملڪ آهي جنهن اڄ به 30 لک اف??ان پناهگيرن کي پاڪستان جو حصو بڻايو آهي، اف??اني هتي ڪاروبار ڪري رهيا آهن، ٻارن جون پاڻ ۾ شاديون ٿي چڪيون آهن، هن چيو ته پاڪستان جي موجوده حڪومت ۽ عمران خان اف??انستان ۾ اف??ان عوام جي مرضي واري حڪومت جي حمايت ڪن ٿ??، هن چيو ته اسان چاهيون ٿ?? ته اف??انستان جي ميڊيا جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ تربيتي ويهڪن جو انعقاد ڪيو وڃي، ا?? ڏس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جون خدمتون حاضر آهن، هن چيو ته هڪٻئي سان ملاقاتن سان ڪميونيڪيشن گيپ ختم ۽ هڪٻئي کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي آهي، هن چيو ته فيصل آباد ۾ وڏي تع??اد ۾ اف??اني ايندا آهن ۽ مختلف قسم جي مصنوعات خريد ڪري پنهنجي ملڪ کڻي ويندا آهن، اف??اني علاج لاءِ پاڪستان ۾ ايندا آهن، پاڪستان پنهنجي دل کولي رکي آهي، هن چيو ته اف??ان مسئلي جو حل ڪو فوجي حل نه آهي، پاڪستان جي ڪوشش رهي ته ڳالهين جي ذريعي سموريون ڌريون اتفاق راءِ تي پهچن، وچ ايشيائي رياستن کي پاڻ ۾ جوڙڻ جي لاءِ اف??انستان جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان ان ڏس ۾ مثبت ڪوششون جاري رکيون آهن، هن چيو ته اف??ان ميڊيا تي امن اف??انستان جي حوالي سان پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪري ڇو ته پاڪستان اهو ملڪ آهي جيڪو اف??ان جنگ سبب متاثر ٿيو، اسان کي 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان کڻڻو پيو، 70 هزار جانيون ضايع ٿيون، اف??انستان ۾ لڳل باهه جا شعلا پاڪستان ۾ به ايندا رهيا آهن، هن چيو ته هاڻي جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي، هاڻي اسان کي امن کي موقعو ڏيڻو آهي. اميد آهي ته پاڪستان ۽ اف??انستان ميڊيا جو مثبت ۽ اهم ڪردار موجود رهندو.
جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي، امن کي موقعو ڏيڻو پوندو: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش