اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته عالمي برادري فلسطين مسئلي ??ي جامع ۽ منصفاڻي حل لاءِ قدم کڻي، فلسطين مسئلي ??و حل خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي. سينيٽ چيئرمين سينيٽرز جي وفد سان فلسطين جي سفارتخاني ويو ۽ فلسطين جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته خالي هٿين فلسطينن تي قابض اسر??ئي??ي فورسز جي جارحيت جي شديد مذمت ڪريون ٿا، معصوم فلسطينن تي اسر??ئي??ي فورسز جا حملا، غير قانوني آبادي ڪاري ۽ قبضو، فلسطينين جي زبردستي بي دخلي ??نساني حقن ۽ عالمي قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته فلسطين جو مسئلو وچ اوڀر جي مسئلن جي جڙ آهي، فلسين جي مسئلي ??و حل سڄي دنيا ۽ خاص طور تي خطي جي امن لاءِ اڻٽر آهي، انساني حقن جي علمبردار تنظيمون ۽ گڏيل قومن جي سلاتي ڪائونسل فلسطين جي مسئلي کي سنجيده وٺندي جلد کان جلد ب??تري لاءِ قدم کڻن. هن چيو ته عالمي برادري جيترو جلد ٿي سگهي فلسطين مسئلي ??ي جامع ۽ منصفاڻي حل لاءِ قدم کڻي. فلسطين مسئلي ??و حل فلسطينن، خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي، هن چيو ته اسان اڄوڪي ڏينهن فلسطيني ڀائرن کي اهو پيغام ڏيون ٿا ته آزمائش جي هر گهڙي ۾ پوري پاڪستاني قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي، پوري ملڪ ۾ يوم يڪجهتي فلسطين ڀرپور طريقي سان ملهايو پيو وڃي.
عالمي برادري فلسطين مسئلي جي جامع ۽ منصفاڻي حل لاءِ قدم کڻي: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت