اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اٽي ۽ کنڊ بحران جي انڪوائري ڪندڙ ڪميش?? کي ڌمڪين ۽ بلوچستان ۾ ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي سا?? اڻوڻندڙ رويي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي باور ڪرايو ته اٽي ۽ کنڊ بحران جي 25 اپريل جي فرانزڪ رپورٽ ۾ سفارشن موجب ايڪشن ۽ نظام ۾ موجود خاميون ختم ڪيون وينديون، وزيراعظم پاڪستاني عوام کي يقين ڏياريو ته احساس پروگرام ۾ سياسي صوابديد نه آهي، هر اهو شخص جيڪو حقدار آهي ا?? کي انصاف ۽ ميرٽ جي بنياد تي حق پهچايو پيو وڃي، وفاقي ڪابينا ڪڇي ڪينال انڪوائري ايف آءِ اي کان واپس وٺي نيب جي حوالي ڪرڻ، ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي جي اجلاس جي فيصلن، يونيورسل سروس فنڊ ۾ وڌيڪ ضلع?? کي شامل ڪرڻ، اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي نئين سر تنظيم سازي جي لاءِ ٽاسڪ فورس جي تجويزن، اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي عمارت?? کي فلاحي ڪمن لاءِ استعمال ڪرڻ، احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جي لاءِ ڪيش وصولي جون جايون 15 هزار ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافي?? کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق ??عو??ڻ ٻڌايو ته وزيراعظم خاص معاون شهزاد اڪبر کي کنڊ ۽ ڪڻڪ جي حوالي سا?? انڪوائري رپورٽ کي ڪابينا آڏو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جي وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن