لاهور – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون پنهنجي قوم سان واعدو ڪيو آهي ته جيترا به ڪرپٽ ماڻهو آهن انهن سڀني کي پڪڙڻو آهي، جيستائين ڪرپشن ختم نه ٿيندي ملڪ ڌٻڻ مان ٻاهر نه ٿو نڪري سگهي، اسان کي مشڪل دور مان نڪرڻو آهي، ڪرپشن جي نشاندهي ڪندڙن کي 20 سيڪڙو انعام ڏيڻ جي حوالي سان قانون ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ منظور ڪرايو ويندو. پنجاب جي وڏي وزير عثما?? بوزدار ۽ ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته پنجاب جو وڏو وزير ايماندار ماڻهو ۽ تبديلي جو نالو آهي، پنجاب جي وڏن وزيرن مان عثما?? بوزدار سڀ کان ڪامياب وڏو وزير هوندو، عثما?? بوزدار پٺتي پيل ع??ائ??ي سان تعلق رکي ٿو، هي پنهنجي ع??ائ??ي جا مسئلا ڄاڻي ٿو، تبديلي اها آهي ته اسان جو وڏو وزير علاج جي لاءِ ٻاهر نه ويندو، پنجاب جي وڏي وزير کي خبر آهي ته خراب پاڻي پيئڻ سان ڪيترا مسئلا پيدا ٿين ٿا، مون کي يقين آهي ته هي هڪ ايماندار شخص آهي ۽ آئون بي خوف آهيان ته هي بدعنواني نه ڪندو، سڀ کان وڏي بجيٽ پنجاب جي آهي، پنجاب ۾ 10 سالن ۾ 8 هزار ارب رپيا خرچ ٿيا آهن، رڳو لاهور جي سالياني ترقياتي بجيٽ خيبرپخ??ون??واهه کان ٽيڻ تي وڌيڪ آهي.
قوم سان واعدو ڪيو آهي ته ڪرپٽ ماڻهن کي پڪڙڻو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste