اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار کي بلوچستان ۾ امن امان ۽ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي حوالي سان ڪوئيٽا ۾ بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر ڏني. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ قومي اسيمبلي ميمبر اعجاز خان جکراڻي پڻ بريفنگ ۾ موجود هئا. ان موقعي تي نائب وزيراعظم چيو ته بلوچستان سدائين کان محمد نواز شريف ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دل جي ويجهو رهيو آهي، بلوچستان ۾ خوشحالي ۽ ترقي ٿئي ته ملڪ ترقي ڪندو، اسان سڀني کي گڏجي بلوچستان جي مسئلن جو حل ڪڍڻو پوندو. محمد اسحاق ڊار چيو ته هتي امن امان جو تمام وڏو مسئلو آهي، ملڪ دشمن عنصر صوبي جي امن امان کي برباد ڪرڻ چاهين ٿا اهڙن ملڪ دشمن عنصرن جو خاتمو ڪرڻ ضروري آهي، وفاقي حڪومت پاران خاطري ڪرايان ٿو ته بلوچستان جي وڏي وزير جن مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي انهن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور تعاون ڪنداسين. نائب وزيراعظم چيو ته ملڪ کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي سدائين ترجيح رهي آهي جنهن ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب به ٿيا آهيون، هن ڀيري ڇهن مهينن ۾ محنت جي ڪري ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچايو. نائب وزيراعظم چيو ته اهڙي خراب معاشي صورتحال ته ان وقت به نه ڏٺي جڏهن 1999ع ۾ پاڪستان تي مختلف قسم جون پابنديون لڳيون. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت رڳو ٽن سالن ۾ ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو، ملڪ کي جيترن قرضن جي هيٺ ٻوڙيو ويو ايترا قرض گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ به نه ورتا ويا، جهڙي طريقي سان اسان جي دور ۾ ملڪي واڌويجهه جي شرح وڌي رهي هئي جيڪڏهن اهڙي طرح جاري رهي ها ته اڄ ملڪ دنيا جي مضبوط معيشتن ۾ شمار ٿئي ها. نائب وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ وياج جي شرح جي سطح 22 سيڪڙو تائين وڌي وئي آهي جنهن کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، معيشت کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻي پوندي جڏهن اسان اهڙي طرح جي قدمن ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته معيشت به تيزي سان ترقي ڪندي، درپيش مسئلن جي حل لاءِ قدم کنيا ويندا، بلوچستان کي ان جا سمورا جائز حق ملڻ ضروري آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته معاشي صورتحال مشڪل آهي پر مايوس نه آهيون، پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، پاڪستان سدائين قائم رهڻ جي لاءِ وجود ۾ آيو، پاڪستان سان جنهن غداري ڪئي هن ئي دنيا ۾ پنهنجي انجام تي پهتو. هن چيو ته وقتي معاشي مشڪلاتون درپيش آهن جڏهن ته مسلسل محنت ۽ پختي عزم سان پاڪستان کي ترقي جي پائيدار راهه تي گامزن ڪنداسين، ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي لاءِ جامع روڊ ميپ جوڙي رهيا آهيون، بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ سمورين ڌرين کي گڏ کڻي هلنداسين. هن چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ۽ سندس ٽيم جو پختو عزم بلوچستان جي ترقي جو ضامن آهي. ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان ۾ تعليم ۽ صحت جي بهتري اولين ترجيح آهي، گورننس جي بهتري جي لاءِ مختلف شعبن ۾ سڌارا آندا پيا وڃن، گورننس کي صحيح ڪري رياست ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد جو مضبوط تعلق قائم ڪنداسين. هن چيو ته بلوچستان جي پي ايڇ ڊي سائنس جي شاگردن جي لاءِ دنيا جي 200 اعليٰ يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، اقليتن ۽ ٽرانس جينڊر ڪميونٽي سميت محروم طبقن جي لاءِ خصوصي اسڪالرشپ پروگرام متعارف ڪرائي رهيا آهيون. بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته پٺتي پيل صوبي جي مسئلن کي هڪ جهڙي ترقي جي ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو، منظور ٿيل ترقياتي منصوبن جي لاءِ وفاق کان فنڊز جاري ڪرڻ انتهائي محدود سطح تي هوندو آهي، فنڊز جاري ڪرڻ جي ان شرح سان ايندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين منصوبن جي تڪميل ممڪن نه آهي. هن چيو ته بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت جو پختو عزم ۽ عملي قدم لازمي آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ان موقعي تي چيو ته وزيراعظم جلد بلوچستان جو تفصيلي دورو ڪري مسئلن جي حل لاءِ ڌرين سان مشاورت ڪندو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار کي بلوچستان ۾ امن امان ۽ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي حوالي سان ڪوئيٽا ۾ بريفنگ ڏني وئي
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم