وزيراعظم پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ آساني جي لاءِ تاريخ جو سڀ کان وڏو سڌاراجاتي پروگرام شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي


اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ آساني جي لاءِ تاريخ جو سڀ کان وڏو سڌاراجاتي پروگرام شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ پاڪستاني قانونن ۽ ضابطن جي پهرين ڊيجيٽل رجسٽري قائم ڪرڻ جي شروعات ٿي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم منصوبي جي فنڊنگ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪندڙ عالمي ادارن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم منصوبي جي فنڊنگ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪندڙ عالمي ادارن سان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم حڪومت جي معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي عملدرآمد ۾ آمريڪي ترقياتي حصيدار ادارن پاران معاونت ۾ دلچسپي جي اظهار تي خصوصي ٿورا مڃيا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اجلاسن ۽ مشاورت سان گڏوگڏ لاڳاپيل عملدار ۽ وزارتون پاليسي قدمن تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائين. وزيراعظم منصوبي کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ هڪ خصوصي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي جيڪا پنهنجو سمورو ڌيان ان منصوبي تي عملدرآمد تي ڏيندي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته منصوبي جي پهرين مرحلي تحت انتهائي اهميت رکندڙ شعبن جا سڌرا شروع ڪيا وڃن. وزيراعظم منصوبي تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ ڊاڪٽر اسڪاٽ جيڪب جا خاص طور تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم سيڙپڪاري بورڊ ۽ لاڳاپيل ادارن جي منصوبي جي حڪمت عملي ٺاهڻ ۾ معاونت تي پذيرائي ڪئي. اجلاس ۾ ڊاڪٽر اسڪاٽ جيڪب سان گڏوگڏ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، عبدالعليم خان، مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي منصوبي جي حوالي سان تفصيلن سان گڏوگڏ ان کي لاڳو ڪرڻ جي مقرر مدي جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته رجسٽري ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ موجود سمورن قانونن ۽ ضابطن کي گڏ ڪري ڊيجيٽائيز ڪيو ويندو، ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي راهه ۾ ايندڙ سمورن غيرضروري قانونن ۽ ضابطن کي ختم ڪيو ويندو. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته بيوروڪريٽڪ رڪاوٽن کي هٽائي رجسٽريشن، پرمٽس ۽ بين ضروري قدمن ۾ گهربل وقت کي ڊيجيٽائيزيشن سان گهٽ ڪيو ويندو، ان قدم سان نه رڳو سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار ۾ وڌيڪ آساني پيدا ٿيندي پر ملڪ ۾ نجي شعبي جي تيز رفتار ترقي جي شروعات ٿيندي، ان قدم سان پاڪستان سڄي دنيا ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار ۾ آساني جي حوالي سان موزون ترين ملڪن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويندو. وزيراعظم شروعاتي طور تي انتهائي اهم قانونن ۽ ضابطن کي ترجيحي بنيادن تي گڏ ڪري پهرين مرحلي کي ڊسمبر 2024ع تائين مڪمل ڪرڻ جو هدف ڏئي ڇڏيو.

مضمون کا ماخذ : estatísticas quina

متعلقہ مضامین