رياض-17 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب ۾ فضائي مسافرن جي انگ ۾ گذريل سال غير معمولي اضافو رڪارڊ ٿيو آ??ي. اردو نيوز موجب سال 2023ع دوران 112 ملين مسافرن ??ملڪت جي ايئر پورٽس تان سفري سهولت حاصل ڪئي. سول ايوي ياشن جي سروي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آ??ي ته سال 2023 ۾ مسافر ن جي انگ ۾ ٿيندڙ اضافو سال 2022 جي مقابلي ۾ 26 سيڪڙو رهيو ڪورونا وبا کانپوءِ مملڪت ۾ فضائي شعبي ۾ بهتري آئي آهي. سول ايوي ايشن پاران جاري ڪيل انگن اکرن ??وجب وڌيڪ چيو ويو آ??ي ته گذريل سال 2023 ۾ 8 لک 15 هزار اڏامون مملڪت جي ايئر پورٽس تي اچن. اهو انگ سال 2022 جي مقابلي ۾ 16 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل سال انٽر نيشنل مسافرن جو انگ 61 ملين جڏهن ته عالمي اڏامن جو انگ 3 لک 94 هزار رهيو ڪنگ عبدالعزيز ايئر پورٽ ملڪت جي مصروف ترين ايئر پورٽس ۾ سڀ کان اڳيان رهيو اتي ڪلاڪ ۾ 30 اڏامن جي آمد رفت ريڪارڊ ڪئي وئي ٻئين نمبر تي رياض جو ڪنگ خالد انٽر نيشنل ايئر پورٽ رهيو ، اتي في ڪلاڪ 27 اڏامن جي آمد رفت ريڪارڊ ڪئي وئي ڪنگ فهد انٽر نيشنل ايئر پورٽ ٽئين نمبر تي رهيو اتي هڪ ڪلاڪ ۾ 11 اڏامن جي آمد رفت رهي . پوئين سال 2023 ۾ اندروني مملڪت اڏامن جو انگ ۾ به غير معمولي اضافو ريڪارڊ ڪيو ويو گذريل سال ڊوميسٽڪ مسافرن جو انگ 51 ملي?? ۽ ??ڏامن جو انگ 4 لک 21 هزار رهيو .
سعودي عرب جي ايئر پورٽس تي مسافرن جي انگ ۾ غير معمولي اضافو ريڪارڊ
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری