بيجنگ-12 آڪٽوبر (اي پي پي) چين ايندڙ هفتي بيلٽ روڊ روڊ عالمي اقتصادي فورم جي ميزباني ڪندو، چيني خا??رو اداري موجب چيني پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته چين ايندڙ هفتي بيجنگ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ عالمي اقتصادي فورم جي ميزباني ڪندو. پرڏيهي وزارت اميد ظاهر ڪندي چيو ته روس جي صدر ولاديميرپيوٽن گذريل سال يوڪرين تي روس جي حملي جي شروعات کان ??وءِ پهريون ڀيرو چين جو دورو ڪندو ۽ چين جي صدر شي جن پنگ سان سربراهي ملاقات ڪندو. چين ۽ روس جي اڳواڻن جو اهڙي وقت ۾ گڏيل لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو ??مڪ??ن آهي جڏهن چين ۽ آمريڪا وچ ۾ اختلاف برقرار آهن ۽ روس ۽ اولهه ملڪن وچ ۾ لاڳاپا ??راب شڪل اختيار ڪري چڪا آهن، چيني پرڏيهي وزارت ٻڌايو ته فورم جي موقعي تي ٻطرفي ملاقاتون به ٿينديون. هن چيو ته هن وقت تائين 130 کان ??ڌيڪ ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن. واضح رهي ته بيلٽ اينڊ روڊ منصوبو، وڏي اقتصادي بلاڪ جي جوڙجڪ جو منصوبو آهي جنهن کي شي جن پنگ 10 سال پهرين تجويز ۽ شروع ڪيو هو.
چين ايندڙ هفتي بيلٽ اينڊ روڊ عالمي اقتصادي فورم جي ميزباني ڪندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج