استنبول – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ترڪ واپارين، ڪاروباري ماڻهن ۽ وڏين ڪمپنين کي دعوت ڏني آهي ته هو پاڪستان ۾ معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي پن بجلي، ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ، کاڻيون کوٽڻ، بئنڪاري ۽ بن??ادي ڍانچي جي ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڊي ايٽ سربراهه ڪانفرنس جي موقعي تي ترڪي جي غير ملڪي اقتصادي لاڳاپن جي بورڊ سا?? ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته ترڪي جا ڪاروباري گروپ فوڊ پراسسنگ انڊسٽري خاص طور تي کير ۽ ميون جي مارڪيٽ ۾به سيڙپڪاري جي امڪانن جو جائزو وٺي سگهن ٿا، هن چيو ته پاڪستان جي رستي اسان جي پاڙيسري نار ملڪن ۽ وچ ??يش??ا جي ملڪن کي برآمدات جا موقعا موجود آهن، بن??ادي ڍانچي، ٽرانسپورٽ، بيوريجز ۽ اليڪٽرانڪ جي شعبن ۾ ترڪي جي ڪجهه ڪمپنين طرفان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ وڌيڪ ڪمپنين جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو
وزيراعظم پاران ترڪ واپارين ۽ وڏين ڪمپنين کي سيڙپڪاري جي دعوت
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس