بيجنگ-06 سيپٽمبر (اي پي پي) چين ڪالهه تائيوان سيٽلائيٽ لانچ سين??ر تان 10 نوان گي??ي – 3 سيٽلائيٽ لانچ ڪري ڇڏيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب چين جمعي ڏينهن اتر چين جي صوبي شانزي ۾ واقع تائيوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر کان لانگ مارچ 6- ڪيريئر راڪيٽ ذريعي 10 نوان گي??ي – 3 سيٽلائيٽ لانچ ڪيا ويا. گي اسپيس (Gee Space) جي ملڪيت هيٺ گي??ي ٽيڪنالاجي جي ذيلي اداري گي??ي – 3 سيٽلائيٽ گي??ي فيوچر موبيلٽي ڪنسلٽيشن پراجيڪٽ جو حصو آهي جيڪو مواصلات، نيويگيشن ۽ ريموٽ اسيسنگ لاءِ دنيا جو پهريون واپاري جامع ڪنسلٽيشن ??هي. ڪمپني جي منصوبي موجب ڪنسلٽيشن (Constellation) 240 سيٽلائيٽس تي ٻڌل هوندو، جنهن مان 72 کي پهرين مرحلي ۾ 2025ع تائين مقرر ڪرڻ جو منصوبو ??هي. ان مستقبل جي سفري ڪنسٽيليشن جي تعمير ذريعي، هڪ نئون فني ماحولياتي نظام بڻايو ويندو، جيڪو گهڻ رخي ڪيريئر جهڙوڪ آٽو موبائلز ۽ ڪنزيومر اليڪٽرانڪس ذريعي مڪمل ڪوريج فراهم ڪندو، ڪمپني چيو ته هي سمارٽ ٽريول، بنا پائل??ٽ جي نظام، سمارٽ شهرن ۽ گهڻو ڪجهه کي ترقي جي قابل بڻائيندو، هي لانگ مارچ راڪيٽ سيريز جو 534 هون فلائيٽ مشن هو.
چين فيوچر موبيلٽي لاءِ 10 نوان گيلي – 3 سيٽلائيٽ لانچ ڪري ڇڏيا
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر