برسلز -10 سيپٽمبر(اي پي پي) يورپي يونين جي پرڏيهي ۽ سلامتي معاملن جي نمائندي جوزف بوريل چيو آهي ته غزه ۽ مصر وچ ۾ سرحد جو ڪنٽرول ٻيهر وٺڻ تي ڳالهيون جاري آهن. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب هن چيو ته يونين ان معاملي کي ڏسي رهي آهي ۽ سرحدي نگراني جي مشن کي ٻيهر شروع ڪرڻ تي ڳالهيون جاري آهن. مقصد اسرائيلي جن??ي ڪارروائين سبب متاثر غزه جي شهرين کي پٽي مان ٻاهر ڪڍڻ ۽ انهن کي طبي امداد فراهم ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته يونين ڳالهيون ڪري رهي آهي ته جيئن ان جي سرحد جو نگراني مشن جيڪو مصر ۽ غزه جي سرحد تي ڪيترن ئي سالن کان مقرر هيو واپس اچي هڪ ڪراسنگ پوائنٽ کولي سگهي ۽ ان ڪراسنگ پوائنٽ ذريعي امداد کان محروم زخمين کي ڪڍي سگهجي. هن غزه ۾ جلد جن?? بندي تائين پهچڻ جي عزم جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ان مرح??ي تي جيڪا اهم آهي اها جن?? بندي آهي. هن جن?? بندي تائين پهچڻ ۾ دير تي ا??سو?? جواظهار ڪندي چيو ته ٻڌڻ آيو آهي ته جن?? بندي ٿيڻ واري آهي پوءِ ٻئي ڏينهن چيو ويندو آهي ته اها سڀاڻي ٿي ويندي.اي پي پي/ ا – ٻ/ م – ش / ج – پ 10:00
غزه ۽ مصر وچ ۾ سرحد جو ڪنٽرول ٻيهر وٺڻ تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي: يورپي يونين
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ