گڏ??ل قومون-28 فيبروري (اي پي پي) گڏ??ل قومن ۾ روس جي مستقل نمائندي واسيلي نيبنزيا گڏ??ل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل کي وچ اوڀر بابت آمريڪي ٺهراءُ جي حما??ت نه ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اهي دستاويز فلسطيني شهرين کي مارڻ واري لائسنس کانسواءِ ڪجهه به ناهن، هن گڏ??ل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل ۾ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته آمريڪا پاران تجويز ڪيل غزه ت?? سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءُ جي متبادل مسودي ۾ جنگ بندي جو مطالبو ناهي ۽ ان جو مق??د اسرائيلي ڪارروائي تي گڏ??ل قومن جي امدادي ڪاررواين کي وڌائڻ آهي. هن چيو ته اسان ڪائونسل جي ميمبرن کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي ان آمريڪي ٺهراءُ جي حما??ت نه ڪن. هن وڌيڪ چيو ته فوري جنگ بندي ۽ اسرائيل پاران عالمي انساني قانون جي تعميل غزه ۾ وڏي پئماني تي غذائي کوٽ کي روڪڻ ??اءِ انتهائي ضروري آهي. هن نشاندهي ڪئي ته هن وقت غزه لاءِ جنگ بندي، محفوظ ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي انساني راهدارين جي تخليق سڀ کان اهم آهي. واضح رهي ته 20 فيبروري تي آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ??ل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل پاران غزه ۾ فوري جنگ بندي لاءِ هڪ ٺهراءُ جي منظوري کي روڪيو هو. روس ۽ چين سميت سلامتي ڪائونسل جي 15 ميمبرن کان 13 الجزائر پاران پيش ڪيل دستاويزن جي حق ۾ ووٽ ڏنو، برطانيه ان ٺهراءُ کي رد ڪيو ۽ آمريڪا ان ٺهراءُ کي ويٽو ڪري ڇڏيو.
روس طرفان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غزه بابت آمريڪي مسودي جي حمايت نه ڪرڻ جي اپيل
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج